رفيق وقار کهڙو

رفيق وقار کهڙو

رفيق وقار کهڙو

رفيق وقار کهڙو: شاعر ۽ اسٽيج ڊرامانگار رفيق وقار جو اصل نالو محمد رفيق ولد محمد قاسم کهڙو آهي. هن جو جنم 10 مارچ 1974ع تي نئين ديري ۾ ٿيو. گرئجوئيٽ آهي. هن نئين ديري ۾ اسٽيج ڊرامن جي روايت کي ٻيهر جياريو ۽ سنڌ جي اهم ناولن کي ڊرامائي تشڪيل ڏئي اسٽيج تي پيش ڪيو. هن وقت تائين هن سراج ميمڻ جي ناول ’پڙاڏو سو ئي سڏ‘، محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي ناول ’سانگھڙ‘، امر جليل جي ڪهاڻي ’دل جي دنيا‘ سميت ڪيترا مشهور ناول ۽ ڪهاڻيون ڊرامائي شڪل ڏئي اسٽيج ڪيا آهن. خود به اسٽيج ڊراما لکيا آهن، جن ۾: دودو چنيسر، وقت ۽ بهار اچي وڃن ٿا. هن نئين ديري ۾ ’نيو اسٽار ڪلچرل سوسائٽيءَ‘ قائم ڪري، ان جي پليٽفارم تان فني ۽ ثقافتي سرگرميون شروع ڪيون. رفيق وقار کهڙو ڊرامانگار، ڊراما آرٽسٽ ۽ شاعر آهي. سنڌي خانگي چئنلن تي به ڪافي ڀيرا اداڪاري ڪري چڪو آهي.


لفظ رفيق وقار کهڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1974.03.10  عيسوي

شاعر ۽ اسٽيج ڊرامانگار رفيق وقار جو اصل نالو محمد رفيق ولد محمد قاسم کهڙو آهي. هن جو جنم 10 مارچ 1974ع تي نئين ديري ۾ ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

فقير محمد اسماعيل قاسم پلي
امام علي شاهه
زبيده ميتلو
شيخ محمد محفوظ ٺٽوي
صالح فقير گوهري
مخدوم محمد صالح سيوهاڻي
اڪرم بخارائي
شهباز علي ملازم سروري
ڀوپالي محسن
خير محمد سوز
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون